ٽنڊو محمد خان (ن سنڌ يار)بلڙي شاھ ڪريم ۾ پوڇڙ جا سوين آبادگار پاڻي جي کوٽ ۽ پاڻي چوري خلاف روڊن تي نڪري آيا آبادگارن ھٿن ۾ سڪل فصل کڻي پاڻي ناھي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا جا زوردار نعرا ھڻي بلڙي شاھ ڪريم شھر جي شھيد بلو پنھور چوڪ تي ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا چار ڪلاڪ روڊ بند ٿي ويو ھزارين گاڏيون بيھجي ويون تفصيل موجب بلڙي شاھ ڪريم جي گاجا واھ سب ڊويزن ۽ پنڃاري بيئرانچ جي شورڪي واھ کرياڙي شاخ بلڙي شاخ ڊھٽ شاخ نصير واھ ۽ مختلف واھن جي پوڇڙ جي سوين آبادگار ۽ ھاري رند قومي اتحاد سنڌ جي نائب صدر ۽ آبادگار اڳواڻ زاھد خان رند اعظم خان رند ولي محمد رند جاني ٻٻر سيد سجاء حيدر شاھ مٺو رند عبدالرزاق ساھڙ ايس ٽي پي اڳواڻ سليم ميمڻ واپاري اڳواڻ حاجي اسماعيل ميمڻ آبادگار عبدالحفيظ ميمڻ خان محمد لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ روڊن تي نڪري آيا آبادگار تيز نٽھڻ اس ۾ بلڙي شاھ ڪريم شھر جي مين بلو پنھور چوڪ تي ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا جڏھن ته آبادگارن جي ھٿن ۾ سڪل فصل پڻ کنيل ھئا جيڪي پاڻي ناھي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا جا زوردار نعرا ھڻي رھيا ھئا جڏھن ته ڌرڻو ٽي ڪلاڪ جاري رھيو ھڪ آبادگار تيز گرمي سبب بيھوش ٿي ويو جنھن کي اسپتال پھچايو ويو ان موقعي تي آبادگارن زاھد خان رند عبدالرزاق ساھڙ جاني ٻٻر ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته 6 مھينن کان پوڇڙ ۽ ٽيل ۾ پاڻي نه پيو پھچي ھڪ پاڻي جي کوٽ آهي ٻيو منڍ جا بااثر زميندار لفٽ مشينون دڪا ڇاٻون ۽ غير قانوني ڪٽون ھڻي پوڇڙ جي حصي جو پاڻي کڻي ٿا وڃن ھنن چيو ته ايريگيشن عملدار پڻ پاڻي چوري ۾ ملوث آهن جيڪي ڳري رشوت وٺي ھٿ سان پاڻي چوري ڪرائي رھيا آهن اسان غريب آبادگار تباھ ٿي ويا آھيون اسان جا فصل سڪي سڙي ويا آهن زمينون بنجر بڻجي ويون آهن ھاڻي چوپائي مال لاء به پاڻي ناھي جر جو پاڻي به کارو ٿي ويو آهي اسان جي ٻچن جو حق زبردستي کاڌو پيو وڃي اسان پنھنجي اولاد کي تڪليف ۾ نٿا ڏسي سگھون ھنن چيو ته پاڻي بند ڪري يزيدي ڪردار ادا ڪيو ويو آهي اسان پاڻي ڦڙي لاء سڪي رھيا آھيون قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ اعلي آفيسر اچي پنھنجي اکين سان ڏسن ته اسان جي ڪھڙي حالت آهي جڏھن ته ڌرڻو چار ڪلاڪ جاري رھڻ بعد ڊي ايس پي بلڙي شاھ ڪريم سيد مجاھد ۽ ايس ايڇ او بلڙي آدم خشڪ آبادگارن سان ڳالھيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو جڏھن ته آبادگارن پاڻي پوڇڙ تائين نه پھچڻ جي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ ھلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي










