اسلام آباد (بيورو)مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز کي وي وي آءِ پي سڪيورٽي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب گهرو وزارت ۾ خطرن جي جاچ ڪميٽي جي سفارش تي مريم نواز کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته مريم نواز کي پوليس سيڪيورٽي سان گڏ رينجرز اهلڪارن جي سڪيورٽي ڏني ويندي، کيس اسلام آباد ۾ هر وقت وفاقي پوليس ۽ رينجرز جي سڪيورٽي ملندي.ذريعن موجب مريم نواز کي ٻين صوبن جي ضلعن ۾ لاڳاپيل پوليس سڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي جڏهن ته سندس رهائشگاهن تي به سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي.










