پي ٽي آءِ پاران مسجد نبوي سانحي تي داخل ڪيس چئلينج

پي ٽي آءِ پاران مسجد نبوي سانحي تي داخل ڪيس چئلينج

اسلام آباد(بيورو)پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر قومي اسيمبلي قاسم سوري مسجد نبوي سانحي تي داخل ڪيس کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي. قاسم سوري جي درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پوليس ۽ ايف آءِ اي کي حراسان ڪرڻ ۽ گرفتار ڪرڻ کان روڪيو وڃي. درخواست ۾ قاسم سوري چيو ته پي ٽي آءِ قيادت کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران غير قانوني حراسان ڪرڻ کان روڪيو وڃي.هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ پي ٽي آءِ قيادت خلاف داخل ڪيس ختم ڪيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو