نيب کي گهربل ماڻهو ملڪ جا حڪمران آهن: شيخ رشيد

نيب کي گهربل ماڻهو ملڪ جا حڪمران آهن: شيخ رشيد

راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته نيب کي گهربل ماڻهو ملڪ جا حڪمران بڻجي ويا آهن. جڏهن ته سالن کان بيماري جو بهانو ڪندڙ ڪلاڪن ۾ صحمت ٿي ويا.هن چيو ته پنجاب جي باغي ميمبرن جي ووٽنگ تي حڪومت ٺاهي وئي. اسٽاڪ ايڪسچينج ويهي رهي، مهانگائي آسمان تي پهچي وئي، ڊالر به وڌي ويو ۽ پرڏيهي ريزرو اڌ رهجي ويو آهي. شهباز شريف جي هڪ مهيني جي ڪارڪردگي اها آهي.پنهنجي ٽوئيٽ ۾ شيخ رشيد چيو ته مني لانڊرنگ جي جاچ ڪندڙ آفيسرن جون بدليون ڪيون ويون. هنن پاڻ سميت ڪنهن به مٿان فرد جرم لڳڻ نه ڏني. جڏهن ته مير جعفر ۽ مير صادق کي سواليه نشان بڻايو ويو آهي.اڳوڻي گهرو وزير وڌيڪ لکيو ته گهر مان ڪڍي جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون. نيب کي ختم ڪرڻ ۽ ڀارت سان نوان لاڳاپا ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو. چونڊ مطالبي کان ڀڄڻ جو رستو اختيار ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو