اسلام آباد(بيورو)گرمي جي شدت تيئن تيئن لوڊشيڊنگ به وڌي وئي.ملڪ جي مختلف شهرن ۾ 10 کان 12 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي جڏهن ته ٻهراڙي وارن علائقن ۾ لوڊشيڊنگ جو مدو 18 ڪلاڪن تائين پهچي ويو آهي. ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ سخت گرمي ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ شهري پريشان ٿي ويا آهن. بجلي جي تقسيم ڪندڙ ڪمپنين جو چوڻ آهي ته لوڊشيڊنگ لائين لاسز کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪئي پئي وڃي.










