سنڌ خلاف هر سازش جي ذميوار پ پ قرار

سنڌ خلاف هر سازش جي ذميوار پ پ قرار

ڪراچي:(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻندڙ سنڌ جا ئي حڪمران آهن. اڳوڻي سنڌ جي گورنر ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) جي اڳواڻ عمران اسماعيل آبپاشي جي وزير کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪندي چيو ته وفاقي وزير آبپاشي سنڌ جي پاڻي تي وڏيرن جون زمينون آباد ڪري رهيو آهي ۽ سنڌ ۾ پاڻي جي مصنوعي کوٽ پيدا ڪري زمينون هڙپ ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته صوبي جي اڌ کان وڌيڪ زمين تي حڪمران پارٽي جا اڳواڻ قبضو ڪري چڪا آهن ۽ ننڍن هارين جو پاڻي بند ڪري انهن جون زمينون بنجر بڻايون پيون وڃن.عمران اسماعيل وڌيڪ چيو ته ٻڌايو وڃي ته سنڌ جي حڪمرانن جي نالي سان غيرقانوني شاخون ڪهڙي دور ۾ ٺهيون؟ پ پ سان تعلق رکندڙ وڏيرن جون زمينون آباد آهن ڇو ته سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻندڙ سنڌ جا ئي حڪمران آهن. هن چيو ته تحريڪ انصاف خلاف احتجاج ڪندڙ اڄ ڇو خاموش ٿي ويا آهن. جڏهن ته سنڌ جي عوام ۽ سنڌ خلاف هر سازش جي ذميوار پيپلز پارٽي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو