لاهور(ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله پي ٽي آءِ کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن لانگ مارچ ۾ انتشار ۽ افراتفري جو منصوبو ٺاهيو ويو ته کين گهرن مان نڪرڻ نه ڏنو ويندو. لاهور جي سيشن جج جي عدالت ۾ منشيات ڪيس ۾ پيشي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته مسجد نبوي واقعي خلاف سڄي مذهبي برادري احتجاج ڪري رهي آهي. راڻا ثناءُ الله چيو ته شهزاد اڪبر اسلام آباد پوليس آفيسر سان رابطو ڪري کيس ٻڌايو ته منهنجي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو پلان آهي، ڪيس ڇو ٺاهيو؟ هن عمران خان کي خبردار ڪندي چيو ته جيڪڏهن توهان پنهنجي ڪارڪنن کي سياسي اڳواڻن خلاف ڀڙڪائڻ جو سلسلو جاري رکيو ته توهان ردعمل کان بچي نه سگهندا، گهرو وزير چيو ته شيخ رشيد چوندو هو ته جيل سندس لاءِ نئون ناهي، هٿڪڙيون سندس زيور آهن. هن عدالت ۾ گرفتاري کان اڳ ضمانت جي درخواست ڪندي موقف اختيار ڪيو ته کيس گرفتاري جو ڊپ آهي. هن وڌيڪ چيو ته لانگ مارچ خوني هجڻ جا بيان ڏيندڙن تي واضح ٿو ڪريا ته اوهانکي اها گارنٽي ڏيڻي پودي ته لانگ مارچ پرامن ۽ جمهوري هوندوجيڪڏهن لانگ مارچ پرتشدد بنائيندا ته توهان کي گهرن مان نڪرڻ نه ڏيندس، توهان ماڻهن کي باهه ڏيڻ جي حوصلا افزائي پيا ڪريو، هن چيو ته عمران خان عوام جي ڀلائي لاءِ ڪو به ڪم ناهي ڪيو جڏهن ته عثمان بوزدار رڳو نام نهاد وڏو وزير آهي، کيس فراڊ ذريعي آرڊر ڏنا ويا. هڪ سوال جي جواب ۾ راڻا ثناءُ الله چيو ته شهباز گل سان ٿيل حادثي جو جوابدار گرفتار ٿي چڪو آهي، سندس تعلق ن ليگ سان ناهي. گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته مخالف ڌر سياسي سرگرمين لاءِ اسلام آباد اچڻ چاهي ٿي ته قانون ۽ آئين اجازت ڏئي ٿو پر جيڪڏهن ڪو انتشار پکيڙڻ چاهي ٿو ته ان کي هرگز اجازت نه ڏني ويندي. راڻا ثناءُ الله چيو ته فرح خان خلاف انڪوائري شروع ٿي چڪي آهي، جيڪڏهن ثبوت سامهون آيا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو ۽ کيس وطن واپس آندو ويندو. ياد رهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان مئي جي آخر ۾ اسلام آباد ڏانهن مارچ جو اعلان ڪيو هو پر هن مارچ جي تاريخ نه ڏني هئي. گهرو وزير چيو ته پنجاب جو گورنر اڄ کان 6 ڏينهن بعد استعيفيٰ ڏيندو ۽ نئون گورنر مقرر ڪيو ويندو. هن چيو ته گورنر پنجاب حلف نه کڻائي آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. هن چيو ته جيڪڏهن وزيراعظم ساڳي سمري ٻيهر موڪلي ته صدر کي ان جي منظوري ڏيڻي پوندي.










