ڪراچي: (م ڊ) موسميات کاتي موجب ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ اڄ به سخت گرمي پوندي جنهن سبب وڌ کان وڌ گرمي پد 38 کان 40 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته سنڌ جي مختلف شهرن ۾ هيٽ ويو جي لهر برقرار آهي. ڪراچي ۾ ڏکڻ ۽ اولهه کان تيز هوائون هلي رهيون آهن جنهن سبب مٽيءَ جون هوائون هلي سگهن ٿيون. جڏهن ته موسم گرم ۽ خشڪ آهي. موسميات کاتي موجب 2 مئي کان ڪراچي جي گرمي پد ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي. جڏهن ته عيد جي ڏينهن ۾ موسم سٺو رهندو ۽ گرمي ۾ گهٽتائي رهندي. ان سان گڏ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ هيٽ ويو جي لهر برقرار آهي. جنهن جو سڀني کان وڌيڪ اثر لاڙڪاڻي ۾ آهي جتي وڌ کان وڌي گرمي پد 47 کان 49 رهڻ جو امڪان آهي. سکر ۾ 44 کان 46، ٿر ۽ حيدرآباد ۾ 43 کان 45، ٺٽه ۽ بدين ۾ 40 کان 42 ڊگري رهڻ جو امڪان آهي. موسم گرم ۽ خشڪ هجڻ سبب حيدرآباد، شهيد بينظير آباد، ميرپورخاص، ٺٽو ۽ بدين ۾ مٽيءَ جي هوائن جو امڪان آهي. عيد تي به سنڌ جي مختلف علائقن علائقن جو پارو هاءِ رهڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ اڄ ۽ سڀاڻي مٽيءَ واريون هوائون هلنديون. ان حوالي سان موسميات کاتي طرفان الرٽ پڻ جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ عوام کي مٽيءَ جي طوفان بابت آگاهي ڏني وئي آهي.










