اغوا ٿي ويل نوجوان جي بازيابي لاءِ وارثن جو احتجاج

اغوا ٿي ويل نوجوان جي بازيابي لاءِ وارثن جو احتجاج

غوثپور (رپورٽر عبدالنبي ملڪ) غوثپور ۔ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ غلام قادر شيخ جو رهواسي چار ڏينهن پهريان اغوا ٿي ويل نوجوان رحيم بخش شيخ جي بازيابي لاء وارثن ۽ ڳوٺاڻن پاران اڄ پاڪ ڪتاب ھٿن ۾ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو۔ ان موقعي تي مغوي جي وارثن سندس پيء حضور بخش ۽ ڀاء علي محمد شيخ۔ آدم۔ سندس امڙ مسمات رازل شيخ ۽ ٻين هٿن ۾ پاڪ ڪتاب کڻي مغوي جي بازيابي لاء احتجاج ڪندي ميڊيا آڏو دانھيندي چيو ته چار ڏينھن اڳ اسانجو نوجوان غوثپور ۾ کير وڪرو ڪري واپس ڳوٺ ايندي مبينه اغوا ٿيو آھي پر پوليس خاموش تماشائي بڻيل آھي۔ ھنن چيو ته اسان غريب مسڪين پورهيت آهيون سفر گذر ڪري پيٽ پاليون ٿا مغوي رحيم بخش کي اغوا ٿيندي چار ڏينهن گذرڻ باوجود غوثپور پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو۔ اسان وٽ ايتري سگھ ڪونھي جو لکين روپيه ڀنگ ڏوھارين کي ڀري ڏيون۔ اسان ايس ايس پي امجد احمد شيخ سميت وس وارن اعلا اختيارن کان مطالبو ڪيون ٿا ته خدار اسان جو مغوي بازياب ڪرائي ڏنو وڃي ته جيئن اسان گھر ۾ عيد ملھائي سگھون۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو