اي سي ايل مان نالا ڪڍڻ وارو نوٽيفڪيشن چيلينج

اي سي ايل مان نالا ڪڍڻ وارو نوٽيفڪيشن چيلينج

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شهباز شريف، آصف زرداري، وفاقي ۽ صوبائي شخصيتن سوڌو 2 سئو کان وڌيڪ ماڻهن جا نالا اي سي ايل مان ڪڍڻ واري نوٽيفڪيشن کي چيلينج ڪيو ويو آهي درخواست شهري محمود اختر نقوي پاران داخل ڪرائي وئي، عدالت درخواست ٻڌڻ جوڳي هجڻ تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو چيو ته جائزو وٺڻ بعد مناسب حڪم جاري ڪنداسين درخواستگذار چيو ته شهباز شريف سميت هاءِ پروفائل جوابدارن جا نالا اي سي ايل مان ڪڍيا ويا آهن، جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو چيو ته حڪومت جي پاليسي هوندي تڏهن ته نالا اي سي ايل مان ڪڍيا ويا، محمود اختر نقوي چيو ته حڪومت جي اهڙي پاليسي ٿي ئي نٿي سگهي جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو پڇاڻو ڪيو ته شهباز شريف ۽ ٻين جا نالا اي سي ايل ۾ ڪير شامل ڪيا هئا، درخواستگذار چيو ته نيب ۽ ايف آءِ اي جي سفارش تي وفاقي حڪومت هنن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا هئا، عدالت ريمارڪس ڏنا ته حڪومت نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا هئا هاڻي حڪومت ئي نالا ڪڍي ڇڏيا درخواستگذار چيو ته جن جا نالا اي سي ايل ۾ وڌا ويا هئا انهن تي سنگين الزام آهن، اهي قومي ناڻي کي لٽي پيسا ٻاهرين ملڪ کڻي ويا، درخواستگذار چيو ته شاهد خاقان عباسي، مريم نواز، مفتاح اسماعيل سوڌو ٻين جا نالا اي سي ايل ۾ شامل هئا، عدالت هنن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻو جو حڪم ڏنو هو، عدالت جي اجازت جي بغير ڪنهن جا به نالا اي سي ايل مان نٿا ڪڍي سگهجن

پهنجو تبصرو موڪليو