اسلام آباد)بيورو) وزيراعظم شهباز شريف پهرين مئي کان ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.وزيراعظم جي صدارت هيٺ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ بابت هنگامي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ بابت اجلاس ٿيو.بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته گذريل حڪومت چئن سالن ۾ پاور پلانٽس لاءِ تيل خريد نه ڪيو پر موجوده حڪومت ٻن هفتن ۾ تيل جو انتظام ڪيو. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ بجلي جي ڪل پيداوار 18500 ميگاواٽ آهي ۽ طلب جي لحاظ کان شارٽ فال 500 کان 2000 ميگاواٽ آهي. وزيراعظم شهباز شريف پاور ڊويزن جي عملدارن کي بريفنگ ڏيندي پهرين مئي کان سڄي ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.










