نوشهروفيروز (ڊ ر)ايس ايس پي جي حڪم تي شهر جي الله واري چوڪ تي ٽريفڪ پوليس پاران ڪئمپ قائم ڪري سخت گرميءَ واريءَ موسم ۾ ايندڙ ٻاهرين مسافرن ۽ شھرين کي ٿڌو پاڻي پيارڻ لاءِ “ٿڌي پاڻي جي سبيل” لڳائي وئي. ان موقعي ٽريفڪ پوليس نوشهروفيروز جي انچارج قلندر بخش خاصخلي، وارث علي رند ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ايس ايس پي نوشهروفيروز طارق ولايت جي حڪم تحت گرمين جي مند ۾ ’هيٽ اسٽروڪ‘ جنهن کي عام طور پاڻ ’ڏينهن لڳڻ‘ چوندا آهيون، انهي کان بچاءَ لاءِ ٿڌين شين ۽ شربتن جو استعمال ضروري آهي تيز اس، گرمي ۽ لوءَ جي ڪري اسان جي جسم جي گرمي پد ۾ به غير معمولي واڌارو ايندو آهي ۽ ان سبب جي ڪري جسم ۾ پاڻيءَ جي گهٽتائي ۽ ٻين تڪليفن کي مُنهن ڏيڻو پوندو آهي. جڏهن ته گرمين ۾ سڀ کان اهم شئي، جنهن جو اسان کي خيال رکڻ کپي، اها آهي کاڌي پيتي ۾ استعمال هيٺ ايندڙ صحيح ۽ گرميءَ جي حوالي سان فائديمند شين کي واپرائڻ، ائين ڪرڻ سان گهڻين ڏکيائين کان بچي سگهجي ٿو.










