اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينا جي پهرين اجلاس کي خطاب ڪند چيو آهي ته مان ڪابينا جي ميمبرن کي مبارڪباد ڏيان ٿو ته اسان وڏي محنت سان هڪ جهرلو حڪومت کي گهر موڪليو آهي, وفاقي ڪابينا جو پهريون اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو، جنهن ۾ وفاقي ڪابينا جي ميمبرن شرڪت ڪئي، وفاقي ڪابينا کي قومي معيشت ۽ امن امان سميت مختلف معاملن تي بريفنگ ڏني وئي ان موقعي تي وفاقي ڪابينا جي ميمبرن کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڪابينا ۾ تجربيڪار ماڻهو موجود آهن، جن وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، مان توهان جي قيادت جو شڪر گذار آهيان جنهن توهان کي اها ذميواري ڏني، توهان سچي دل سان تبديلي آڻيو، توهان مان عوام جون اميدون آهن هن چيو ته اسان غربت، بيروزگاري ۽ مهانگائي جهڙن چئلينجن کي منهن ڏئي رهيا آهيون، گذريل حڪومت مشڪلاتن خلاف جنگ ۾ بری طرح ناڪام رهي, شهباز شريف چيو ته اسان کي قوم جي مفاد ۾ بهترين فيصلا ڪرڻا آهن، سمورين وڏين پارٽين جو گڏ ٿيڻ پاڪستان جي تاريخ جو عظيم اتحاد آهي، اهڙا ڪهڙا قدم آهن جيڪي ملڪي مفاد ۾ هوندا هن چيو ته بلوچستان صوبي جا ڪهڙا به مسئلا آهن، اسان کي انهن تي پورو ڌيان ڏيڻو پوندو، ٻين صوبن جي مسئلن تي به ڌيان ڏيڻو پوندو, هن چيو ته زهريلي پروپيگنڊا جو جواب حقيقتن جي مدد سان ڏيڻو پوندو، ساڍن ٽن سالن ۾ جيڪا ڪرپشن عروج تي هئي ان کي ختم ڪرڻو پوندو.










