جسٽس فائز عيسيٰ خلاف ڪيس غلطي هئي، عمران خان

جسٽس فائز عيسيٰ خلاف ڪيس غلطي هئي، عمران خان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اڳوڻي وزيراعظم عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر دعويٰ ڪئي آهي ته اسٽيبلشمينٽ هن وٽ ٽي تجويزون پيش ڪيون جن مان فوري چونڊ واري تجويز سان اتفاق ڪيو. صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي عمران خان چيو ته هن گذريل اليڪشن ۾ ٽڪيٽن تي ڌيان نه ڏنو هو. هن ڀيري سوچي سمجهي ٽڪيٽون ڏيندس، اتهادين کي سبق سيکاريندس، حڪومت ۾ اتحادي هجڻ ئي نه گهرجن، آئنده ڪنهن به اليڪٽ ايبل کي ٽڪيٽ نه ڏيندس. هن چيو ته منهنجي خلاف سازش ڪئي وئي جڏهن حالتون بهتر ٿي رهيون هيون ته عدم اعتماد آندي وئي، منهنجي جنگ مافيا سان هئي جيڪا قيمتون وڌائي مهانگائي ڪري رهي هئي. اڳوڻي وزيراعظم اعتراف ڪيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف ڪارروائي غير ضروري هئي. سندس خلاف داخل ڪيس غلطي هئي، ان وقت قانون واري وزارت ڪيس موڪليو هو، اسان کي عدليه سان غير ضروري ٽڪراءُ نه ڪرڻ گهرجي ها. فرح خان جي حوالي سان هن چيو ته فرح خان وٽ ڪو عهدو يا وزارت ناهي، هوءَ پئسا ڪيئن وٺي سگهي ٿي، جيڪڏهن ڪنهن وٽ ان حوالي سان ثبوت آهن ته سامهون آڻي. عمران خان چيو ته توشه خاني مان جيڪو ڪجهه ورتو اهو رڪارڊ تي آهي، هڪ پرڏيهي صدر سندس گهر آيو ۽ کيس تحفو به ڏنو جيڪو مون جمع به ڪرايو، مون 50 سيڪڙو قيمت ادا ڪري شيون خريد ڪيون، اڳ ۾ 15 سيڪڙو قيمت تي خريديون وينديون هيون مون اها رقم 15 مان وڌائي 50 سيڪڙو ڪئي. جيڪڏهنن هنن کي ساڍن ٽن سالن ۾ منهنجي خلاف رڳو توشه خانه مليو آهي ته الله جو شڪر آهي. هن چيو ته اسان جي خلاف ڪا به ڪرپشن يا ڪو اسڪينڊل سامهون ناهي آيو، جيڪڏهن ڪا ڊيل ٿي آهي ته ٻڌايو، پي ٽي آءِ کانسواءِ ڪنهن پارٽيءَ جو پرڏيهي فنڊنگ جو ڪو به رڪارڊ ناهي، پرڏيهي فنڊنگ سڀني ورتي آهي سڀني جو گڏيل ڪيس هلايو. اڳوڻي وزيراعظم جو چوڻ هو ته ايف آءِ اي ۾ تبديليون ٿي رهيون آهن، 24 ارب جي جاچ ڪندڙ کي تبديل ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته شهباز شريف اڳي ئي انجنيئرنگ ڪري ڪيس ختم ڪرائي پيو. هي پنهنجا سڀ ڪيس نيب ۽ ايف آءِ اي مان ختم ڪرائيندا. عمران خان چيو ته اهڙو ڪو ڪم نه ڪندس جنهن سان ملڪ کي نقصان ٿئي، اسان کي مضبوط فوج جي ضرورت آهي، اسان مسلمان ملڪ آهيون، مضبوط فوج ئي اسان جي سلامتي جي ضامن آهي. چيئرمين پي ٽي آءِ جو چوڻ هو ته سندس روس جي دوري جي معاملي تي فوج تيار هئي، روس وڃڻ کان اڳ هن جنرل باجوه کي فون ڪيو، جنهن تي جنرل باجوه چيو ته اسان کي روس وڃڻ گهرجي. عمران خان چيو ته اسٽيبلشمينٽ ٽن تجويزن سان گڏ آئي، اليڪشن جي تجويز سان اتفاق ڪيو ويو، استعيفيٰ ۽ بي اعتمادي جي تجويز ڪيئن قبول ڪريان ها. اڳوڻي وزيراعظم جو چوڻ هو ته جڏهن ڀارت ۽ آمريڪا ڊو مور جي ڳالهه ڪئي ته ڪنهن نه ڳالهايو، آمريڪا جي جنگ ۾ پاڪستان کي تمام گهڻو نقصان ٿيو، روس کان هٿيار، تيل، ڪڻڪ ۽ گيس خريدڻ جي ڳالهه ڪئي، روس تيل 30 سيڪڙو سستو ڏيڻ لاءِ تيار آهي. عمران خان چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر جو نالو اسٽيبلشمينٽ ڏنو پر اليڪشن ڪمشنر جي چونڊ آزاد اداري ذريعي ٿيڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو