ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) شهيد ناظم جوکيو قتل ڪيس جي جاچ آفيسر سراج لاشاري دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي ايڊمنسٽريٽر جج جي عدالت ۾ چالان جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. چالان مان پ پ ايم اين اي ڄام ڪريم ۽ سنڌ اسيمبلي ميمبر ڄام اويس سميت 8 ڄڻن جا نالا ڪيس مان خارج ويا آهن. ذريعن موجب ڪيس ۾ حيدر، معراج ۽ نياز کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي، ناظم جوکيو کي عرب شڪارين کي ناجائز تلور جي شڪار کان روڪڻ تي کيس اغوا ڪري تشدد ڪري بيدردي سان نومبر 2021 ۾ ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي جي حد ۾ قتل ڪيو ويو هو، جڊيشل مئجسٽريٽ ملير ڪيس ۾ دهشتگرديءَ جا قلم شامل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. جنهن بعد ملير ڄام ڀائرن ڪيس ختم ڪرڻ لاءِ مقتول جي خاندان تي سماجي دٻاءُ وجهي پنهنجا نالا خارج ڪرائڻ جا فريادي کان بيان ورتو.










