عمران کي 40 سالن کان سڃاڻان، هو ڪرپٽ ناهي: ڀارتي اداڪارا

عمران کي 40 سالن کان سڃاڻان، هو ڪرپٽ ناهي: ڀارتي اداڪارا

ممبي(ويب ڊيسڪ)مشهور ڀارتي اداڪارا، ميزبان ۽ هدايتڪار سيمي گريوال اڳوڻي پاڪستاني وزيراعظم عمران خان جي حمايت ۾ سامهون اچي وئي آهي. سميع گريوال ٽوئيٽر تي پيغام شيئر ڪندي چيو ته عمران خان جي اقتدار تان هٽائڻ مان سڀ کان پهرين ڳالهه اها آهي ته گڏيل اپوزيشن مقبول وزيراعظم کي هٽائي سگهي ٿي. هن چيو ته ٻي ڳالهه اها آهي ته معزز ماڻهن کي سياست ۾ ڪا جاءِ ناهي. سيمي گريوال لکيو ته ”مان عمران ۽ سندس خيالن کي 40 سالن کان سڃاڻان ٿو، هو ٻين ڪمن ۾ ناڪام ٿي سگهن ٿا پر ڪرپشن انهن مان هڪ به نه هوندي“

پهنجو تبصرو موڪليو