آءِ ايم ايف 6 ارب ڊالر منظور ڪري ڇڏيا، هڪ ارب ڊالر جاري

ڪراچي(ڊيسڪ رپورٽ) انٽرنيشنل مانيٽرنگ فنڊ يعني آءِ آيم ايف جي بورڊ پاڪستان لاءِ 6 ارب ڊالر جو پيڪيج منظور ڪندي هڪ ارب ڊالر فور ادا ڪرڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي آهي. فرانسيسي خابرو اداري اي ايف پي موجب پاڪستان لاءِ آءِ ايم ايف جو هي تيرهون مالي پيڪيج آهي، 39 مهينن ۾ هر تئين مهيني ٿيل معاهدي جي روشني ۾ ڪارڪردگي جي جاچ ڪري رقم جاري ڪئي ويندي، هر سال 2 ارب ڊالر ملندا. بورڊ مان منظوري بعد ترجمان گيري رائيس ٽوئٽر تي ان جو اعلان ڪيو. ترجمان اميد ظاهر ڪئي ته هن رقم مان پاڪستان ۾ معاشي ترقي ٿيندي ۽ عوام جي زندگي ۾ بهتري ايندي.

پهنجو تبصرو موڪليو