ڊپٽي اسپيڪر پنجاب اسيمبلي خلاف بي اعتمادي جي رٿ جمع

ڊپٽي اسپيڪر پنجاب اسيمبلي خلاف بي اعتمادي جي رٿ جمع

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف پنهنجي ئي ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ بي اعتمادي جي رٿ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ صوبي ۾ نئون آئيني بحران پيدا ٿي ويو آهي. ذريعن موجب پي ٽي آءِ قيادت وزيراعظم کان ڊپٽي اسپيڪر خلاف بي اعتمادي جي رٿ منظور ڪري ورتي هئي، جنهن کانپوءِ پي ٽي آءِ دوست محمد مزاري خلاف بي اعتمادي رٿ پنجاب اسيمبلي جي سيڪريٽري ڏانهن جمع ڪرائي ڇڏي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته تحريڪ عدم اعتماد ميان محمود رشيد، ڊاڪٽر مراد راس ۽ ٻين ميمبرن جي دستخطن سان داخل ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو