وزيراعظم عمران خان  پاران اسيمبلي مان استعيفيٰ ڏيڻ جي آپشن تي غور

وزيراعظم عمران خان  پاران اسيمبلي مان استعيفيٰ ڏيڻ جي آپشن تي غور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) خبر پئي آهي ته بي اعتمادي رٿ ناڪام ٿيڻ جي صورت ۾ وزيراعظم عمران خان اسيمبلين مان استعيفيٰ ڪارڊ استعمال ڪري سگهي ٿو، جنهن سان نئين حڪومت ۾ بحران پيدا ٿي ويندو.ذريعن موجب پي ٽي آءِ وٽ هن وقت قومي اسيمبلي ۾ 155 ميمبر آهن جڏهن ته ميمبرن جو ڪل انگ 342 آهي. ذريعن موجب وزيراعظم ان تجويز تي سنجيدگي سان غور ڪري رهيو آهي ته عدم اعتماد جي رٿ ناڪام ٿيڻ جي صورت ۾ پي ٽي آءِ جا سمورا ميمبر اسيمبلي مان استعيفيٰ ڏئي ڇڏين، جيڪڏهن پي ٽي آءِ ۽ ان جا اتحادي جيڪي هاڻي ٿورڙي تعداد ۾ رهيا آهن، انهن کي اسيمبلي مان استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي. اهي قومي اسيمبليءَ مان استعيفيٰ ڏين ته نئين حڪومت لاءِ ڪم ڪرڻ مشڪل ٿي ويندو ۽ ايتري وڏي تعداد ۾ ضمني چونڊون ڪرائڻ مشڪل ٿي ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ساڳي مشق پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ به هڪ ئي وقت ڪئي ويندي، وزيراعظم جو خيال آهي ته فوري طور تي چونڊون ڪرائڻ سندس فائدي ۾ هوندو. خيبرپختونخواهه جي بلدياتي چونڊن جا تازا نتيجا سندس لاءِ حوصلا افزا آهن ۽ عمران خان پاران چونڊ مهم دوران آمريڪا مخالف بيان به اچي چڪا آهن. ٻئي طرف ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جا منحرف ميمبر استعيفيٰ نه ڏيندا.

پهنجو تبصرو موڪليو