ڄام عبدالڪريم ڪراچي پهچي ويو، ڀرپور استقبال

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) شهيد ناظم جوکيو جي قتل ڪيس ۾ نامزد پيپلز پارٽي جو قومي اسيمبلي ميمبر ڄام عبدالڪريم دبئي کان پاڪستان پهچي ويو، ڄام عبدالڪريم پرڏيهي اڏام ذريعي ڪراچي پهتو، جتي ڪراچي ايئرپورٽ تي صوبائي وزيرن امتياز شيخ، سهيل سيال ۽ شبير بجاراڻي سندس استقبال ڪيو ۽ کيس سخت سيڪيورٽي ۾ ائيرپورٽ کان روانو ڪيو ويو ذريعن جو چوڻ آهي ته ڄام عبدالڪريم مقتول ناظم کهيو جي گهر ۽ سندس گهرواري ۽ سندس بيواهه سان ملندو. گذريل ڏينهن ناظم جوکيو جي بيواهه وڊيو بيان جاري ڪري قتل ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي معاف ڪرڻ ۽ ڪيس تان هٿ کڻڻ جو اعلان ڪيو هو. وفاقي حڪومت طرفان ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ نامزد ڄام عبدالڪريم سميت سمورن جوابدارن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جي منظوري ڏني وئي هئي، ڄام عبدالڪريم به حڪومت خلاف بي اعتمادي واري رٿ ۾ پنهنجو ووٽ استعمال ڪندو ٻئي پاسي شهيد ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ نامزد پ پ ايم اين اي ڄام ڪريم ضمانت لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي ۽ 3 اپريل تائين عدالت سندس ضمانت منظور ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو