عمران هاشمي جو اڪشي ڪمار بابت اهم اڪشاف

عمران هاشمي جو اڪشي ڪمار بابت اهم اڪشاف

ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اسٽار عمران هاشمي پنهنجي ڪتاب ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته جڏهن اڪشي ڪمار کي منهنجي 4 سالن جي پٽ آيان کي گردي ۾ ڪينسر هجڻ جي خبر پئي ته هن مونکي موبائيل فون تي ٽيڪسٽ ڪيو ۽ چيو ته هو ان حوالي سان منهنجي مدد ڪرڻ چاهي ٿو، هن فوري طور اڪشي ڪمار سان رابطو ڪري پٽ جي صحت بابت پڇيو. اڪشي منهنجي پٽ جي علاج لاءِ بهترين ڊاڪٽرز ۽ هر قسم جي سهولت مهيا ڪرڻ ۾ مدد جي آڇ به ڪئي. عمران هاشمي وڌيڪ لکيو ته اڪشي ڪمار روز فون ڪري پٽ جي صحت بابت پڇا ڪندو هو. اداڪار پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته جڏهن منهنجو پٽ اسپتال مان گهر آيو ته اڪشي ملڻ لاءِ به آيو. اداڪار موجب کيس بعد ۾ خبر پئي ته اڪشي ڪمار جو پيءُ به ڪينسر سبب فوت ٿي ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو