لاهور (ويب ڊيسڪ)چوڌري پرويز الاهي سان پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ ملاقات ڪئي ۽ وزيراعظم عمران خان جو پيغام پرويز الاهي تائين پهچايو. پرويز الاهي چيو ته پارٽي صدر چوڌري شجاعت حسين کي اڄوڪي اجلاس بابت اعتماد ۾ وٺندي، ايندڙ اجلاس جلد اسلام آباد ۾ ٿيندو. ان کان اڳ صهافين سان ڳالهائيندي پرويز الاهي چيو ته بي اعتمادي واري رٿ تي جلسن جو اثر نه پوندو. صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي چوڌري پرويز الاهي چيو ته ملڪ ۾ هلندڙ سياسي ڊرامي جو ڊراپ سين نه ٿيندو، ڊرامي جا ڪردار تبديل ٿيندا. هنڊي پچي چڪي آهي اڌ ورهائجي به چڪي، باقي اڌ ورهائجي پئي. پرويز الاهي چيو ته سياست ۾ اسلام کي آڻڻ وارن جو ڪو به مستقبل ناهي، الله جي فضل سان اسان جو مستقبل روشن آهي، اسان جا هٿ صاف ۽ دين سان جڙيل آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ چوڌري پرويز الاهي چيو ته ٻاهر ويٺلن جي بيماريءَ جي دوا اڃا نه آئي آهي، جلسن جي سياست سان عدم اعتماد جي رٿ تي ڪو به فرق نه پوندو.










