ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز شيخ پاڪستان جي قدآور شخص نصير سومرو سان ڪيل واعدو پورو ڪري ڇڏيو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نصير سومرو جي علاج لاءِ 10 لک رپين جي گرانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي. نصير سومرو کي سنڌ حڪومت طرفان 10 لک رپين جو امدادي چيڪ پيش ڪيو ويو. امتياز شيخ چيو ته مان سنڌ جي وڏي وزير جو ٿورائتو آهيان. نصير سومرو پاڪستان جو سرمايو آهي، سنڌ حڪومت نصير سومرو جي بيماري واري معاملي ۾ پنهنجو فرض نڀايو آهي. امتياز شيخ جي پي ايس زبير احمد چيڪ نصير سومرو حوالي ڪيو.










