عوام تيار رهي اسلام آباد پهچڻ جي ڪال ڏئي سگهون ٿا، مولانا

عوام تيار رهي اسلام آباد پهچڻ جي ڪال ڏئي سگهون ٿا، مولانا

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته سڄي ملڪ جو عوام تيار رهي، اسان ڪنهن به وقت اسلام آباد پهچڻ جي ڪال ڏئي سگهون ٿا، 10لک ماڻهو نه عمران خان ۾ همت آهي ته 172 ماڻهو پورا ڪري ڏيکاري. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته عمران خان اڪثريت وڃائي چڪو آهي، اسٽيبلشمينٽ ۽ بيورو ڪريسي سندس ڪوبه حڪم مڃڻ جي پابندي نه آهي. هن چيو ته حالتون تبديل ٿيڻ ڏيو، وقت اچي ويو آهي ته عوام کي چوري ٿيل مينڊيٽ واپس ڪيو وڃي. هن چيو ته عمران طرفان جلسن کي خطاب ڪرڻ جو جواز ناهي، اليڪشن ڪميشن بيان بازين بدران عملي طور متحرڪ ٿئي. گهرو وزير شيخ رشيد بابت پڇيل سوال تي مولانا فضل الرحمان چيو ته شيخ رشيد ڪپهه جي جبل وانگر عمران خان سان گڏ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو