ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)اطلاعات ۽ محنت کاتي جي صوبائي وزير سعيد غني ۽ پيپلز پارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري وقار مهدي ۽ نجمي عالم گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ چيو آهي ته گذريل ڏينهن پارليمينٽ لاجز تي حڪومتي رياستي دهشتگردي ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته وزيراعظم پنهنجي خلاف پيش ٿيڻ واري عدم اعتماد جي تحريڪ ۾ شڪست قبول ڪري ورتي آهي ۽ هاڻي هو غير جمهوري رستي تي هلي پيو آهي. ايم ڪيو ايم جي وفد سان گذريل ڏينهن اسلام آباد ۾ ٿيڻ واري ملاقات سٺي ۽ خوشگوار ماحول ۾ ٿي آهي. پي ٽي آئي هن ملڪ جي واحد سياسي جماعت آهي، جيڪا بحيثيت جماعت ڪرپٽ آهي. وزيراعظم جي ڪراچي ۾ تقرير هڪ شڪست واري تقرير هئي. هو بلاول ڀٽو جي اردو تي تنقيد ڪري رهيو آهي. عمران خان جي نه ذهني حالت ٺيڪ آهي ۽ نه ئي ان جو جغرافيه ۽ اردو ٺيڪ آهي. پيپلز پارٽي چاهي ٿي ته سنڌ ۾ جلد کان جلد مڪاني چونڊيون ٿين ۽ اسان سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي روح جي مطابق قانون کي بهتر ڪنداسين. هنن چيو ته اسان پارليمينٽ لاجز تي رياستي جبر جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا هن قدم سان رياستي دهشتگردي تصور ڪيون ٿا. سعيد غني چيو ته وفاقي حڪومت هن وقت گهبراهٽ جو شڪار ٿي وئي آهي ۽ ان گهبراهٽ ۾ هن جي يو آئي (ف) جي ٻن قومي اسيمبلي جي ميمبرن، هڪ سينيٽر ۽ ان جي درزن ڪارڪنن تي تشدد ڪيو. هن چيو ته پوليس پاران پارليمينٽ لاجز جي تقدس کي پامال ڪيو ويو. هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن به پارليمينٽ لاجز ۾ ان طرح جي دهشتگردي نه ٿي آهي ۽ هي سڀ عمران خان جي گهبراهٽ ۽ پريشاني کي ظاهر ڪري ٿي. ان موقعي تي وقار مهدي چيو ته مان سڀ کان پهريان پاڪستان جي عوام خاص طور تي صوبي سنڌ ۽ پنجاب جي عوام کي دل جي گهرائين سان عوامي لانگ مارچ ۾ تاريخي شرڪت تي مبارڪباد پيش ڪيا ٿو. هن چيو ته ملڪ جي تاريخ جو سڀ کان وڏو 2000 ڪلو ميٽر وڏو 10 ڏينهن عوامي لانگ ۾ جهڙي طرح پوري سنڌ ۽ بعد ۾ پنجاب ۾ عوام عظيم الشان استقبال ڪيو ۽ قافلي ۾ شامل ٿيا هي پنهنجي مثال پاڻ هئا. وقار مهدي چيو ته گذريل ڏينهن پارليمينٽ لاجز ۾ رياستي دهشتگردي عمران نياز جي 146 ڏينهن جي ڌرڻي ۾ ان جي طرفان پي ٽي وي تي حملو ڪرڻ ۽ پارليمينٽ تي حملي جي ڪوشش ڪئي ياد تازه ڪئي آهي.










