دير(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم اپوزيشن جي ٽن وڏن ليڊرن کي ڪوئا قرار ڏيندي مٿن سخت تنقيد ڪئي آهي. هن دير ۾ جلسي کي خطاب ڪندي انڪشاف ڪيو ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا کيس چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان کي ڊيزل نه سڏيو، مان ڪٿي ٿو چوان هي تو عوام ٿو هنکي ڊيزل سڏي. وزيراعظم آصف علي زرداري کي ڊاڪو. شهباز شريف کي بوٽ پالشيو ۽ شوباز شريف سڏيندي چيو ته هي 3 ڪوئا منهنجو مقابلو ڪرڻ نڪتا آهن، مان هڪ ان سوئنگ بال سان ٽنهي جون وڪيٽون اڏائيندسئ هن چيو ته خدا جو شڪر آهي ته هنن عدم اعتماد آندي آهي، مان الله کان دعا پئي گهري ته ڪٿي هي ٽريپ ٿين. وزيراعظم عمران خان چيو ته الله پاڪ اسانکي نيوٽرل رهڻ جي اجازت نٿو ڏئي بلڪ بري ۽ ڀلي جي تميز ڪر سٺائي طرف بيهڻ جو حڪم ڏي ٿو، نيوٽرل ته جانور هوندو آهي جنهن کي بري ڀلي جي تميز نه هوندي آهي. مان عدم اعتماد جي ووٽنگ کان هڪ ڏينهن اڳ پارليامينٽ هائوس آڏو ڊي چوڪ تي ايڏو وڏو جلسو ڪندس جنهن ۾ عوام جو سمنڊ هوندو. اپوزيشن وارا عمران خان تي تنقيد ڪري رهيا آهن ته هن نيوٽرل کي جانور سڏي فوجي توهين ڪئي آهي ڇو ته هڪ ڏينهن اڳ فوجي ترجمان ميجر جنرل بابر افتخار چيو هو ته فوج جو سياسي معاملن سان واسطو ناهي. اپوزيشن اسٽيبلشمينٽ کي نيوٽرل سڏي رهيا آهن.










