سيوهڻ رپورٽر(رميزسولنگي) وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي ۽ ان کي وڃڻ گهرجي. اهڙو اظهار هن آچر تي ڳوٺ بوبڪ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪارڪن رئيس بنگل خان بوزدار جي وفات تي وارثن سان تعزيت ڪرڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ اندر مهنگائي جو طوفان اچي ويو آهي، هر طبقي جو ماڻهو چاهي اهو امير هجي غريب هجي بزنس مين هجي، هاري هجي، مزدور هجي اهي سڀئي چئي رهيا آهن ته وفاقي حڪومت بالڪل ناڪام ٿي چڪي آهي ۽ منهنجي خيال ۾ حڪومت جي سربراهه کي واپس وڃڻ کپي.

هڪ سوال تي هن چيو ته زرداري صاحب جيڪي ڪجهه چوندو آهي اهو بالڪل ڪري ڏيکاريندو آهي، منهنجي خيال ۾ زرداري صاحب خود سينيٽ چيئرمين نٿو بنجڻ چاهي. هن وقت جيڪو موجوده سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي آهي اهو به آصف زرداريءَ جو چونڊرايل آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداريءَ وفاقي حڪومت ۽ اسپيڪر جي ڪردار جي مذمت ڪئي آهي، اپوزيشن کي ٻڌڻ کان سواءِ ئي زبردستي وفاقي بجيٽ منظور ڪئي وئي ۽ ان بجيٽ ۾ ماڻهن تي جيڪي ٽيڪس لڳايا ويا آهن ۽ جيڪا مهنگائي وڌائي ويئي آهي ان حوالي سان اپوزيشن جي ميمبرن جي ڪابه ڳالهه ٻڌي نه ويئي ۽ وفاق جي هن قدم جي اسان مذمت ڪريون ٿا. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته نواز ليگ جي اسيمبلي ميمبرن جي وزيراعظم سان ملاقات بابت ن ليگ جي قيادت کان پڇيو وڃي، باقي اپوزيشن جي ميمبرن کي لالچون ڏيئي، انهن کي حراسان ڪري انهن جي وفادارين کي تبديل ڪرڻ جي عمل جي آئون مذمت ڪريان ٿو. هن سال وفاق چيو ته سنڌ حڪومت کي 665 ارب ڏينداسين، 13 جون تي ان رقم کي گهٽ ڪري 631 ارب ڪيا ويا ۽ هن وقت 17 جون تائين سنڌ حڪومت کي 505 ارب روپيا مليا آهن. ماڪڙ بابت سوال تي مراد علي شاهه چيو ته فصلن تي ماڪڙ جي حملن سبب وڏو نقصان نه ٿيو آهي، ان حوالي سان سنڌ حڪومت پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي. پلانٽ پروٽيڪشن ڊويزن وفاقي سرڪار هيٺ آهي ۽ 1970 ۾ جڏهن شهيد ذوالفقار ڀٽو وزيراعظم پاڪستان هو ته اهو ادارو قائم ڪيائين ۽ ان وقت 17 جهاز ورتا هئائين، هن وقت صرف 6 جهاز وڃي بچيا آهن ۽ انهن مان به صرف هڪڙو آپريشنل هو جيڪو وفاق موڪليو هو ۽ اهو به هتي اچڻ کان پوءِ خراب ٿي ويو. هن ٻڌايو ته ماڪڙ سبب متاثر ٿيل علائقن ۾ اسپري جو ڪم جاري آهي ۽ اهو مسئلو نومبر تائين هلندو.










