راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) اي ٽي ايم ڊيوائس ذريعي مني لانڊرنگ ڪندڙ بين الاقوامي گروهه جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ايف آءِ اي موجب راولپنڊي جي ٽيم ٽيڪسلا مان گينگ جي ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو. ايف آءِ اي اختيارين جو چوڻ آهي ته گرفتار ٽي جوابدار حقيقي ڀائر آهن، جن ۾ عمران، خالد ۽ فرحان شامل آهن. ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته گروپ برازيل کان آپريٽ ڪندو هو جيڪي پاڪستانين کي ڊيٽا گڏ ڪرڻ جي تربيت ڏيندا هئا. ايف آءِ اي موجب جوابدار اي ٽي ايم سان ڊيوائس ڳنڍي ڪارڊن جو ڊيٽا گڏ ڪندا هئا، ڊيٽا پرڏيهه موڪلي ويندي هئي ۽ بعد ۾ جوابدار اڪائونٽ مان رقم ڪڍرائيندا هئا.










