بدين(رپورٽ مرتضي ميمڻ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي 4 مارچ 1967ع جي شاگرد جدوجھد کي خراج پيش ڪندي چيو آھي تہ شاگرد سماج جي بي پناھ سگھ ۽ اھڙي طاقت آھن، جيڪي ظلمت آڏو بيھي رھن تہ ناقابل شڪست بنجي وڃن ٿا۔ 4 مارچ شاگرد جدوجھد ون يونٽ خلاف مضبوط ديوار بنجي وئي، شاگردن جي انھي جدوجھد آمريت کي شڪست ڏئي ڇڏي پر آمريت کان پوء قائم ٿيل نام نھاد جمھوريت بہ نئين ويس ۾ آيل آمريت جو تسلسل ثابت ٿي آھي۔ ميرٽ ناھي۔ تعليمي ادارا ڪرپٽ ماڻھن وٽ يرغمال آھن۔ سنڌ کي اڄ بہ 4 مارچ جھڙي جدوجھد جي ضرورت آھي۔ سنڌ کي ڪرپشن جي ڪالوني بنايو ويو آھي۔ ادارن کي تباھ ڪيو پيو وڃي۔ سفارش ۽ رشوت کي ڪلچر بنايو ويو آھي۔ حڪمرانن پنھنجي ڪرپشن کي تحفظ ڏيڻ لاء سنڌ جي يونيورسٽين سميت سنڌ جي سمورن تعليمي ادارن جي شاگردن کي سياست کان پري ڪري ڇڏيو آھي۔ شاگردن جي سجاڳي ۽ ليڊرشپ جي ضرورت آھي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ بدقسمتي سان ملڪ ۾ جيڪا صحيح معنيٰ ۾ جمهوريت هجڻ گهرجي اها اڄ ناهي، ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت تڏهن قائم ٿيندي جڏهن ڪرپشن سان نفرت ٿيندي، ان جا رستا بند ڪيا ويندا۔ تعليمي ادارا آزاد ھوندا۔ هن اياز لطيف پليجي چيو تہ ملڪ ۾ سياست آزاد ناهي، جيڪا ٿوري گهڻي سياست ٿي رهي آهي۔ ان کي بہ ڊي پوليٽيسائيز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، سياست کانسواءِ ڪو بہ ملڪ آزاد خيالي نٿو ماڻي سگهي، ملڪ جي سمورن شهرين کي ڳالهائڻ سميت سماج جي لاءِ ضروري هر ان عمل جي آزادي هجڻ گهرجي، اها ڳالهه جمهوريت جي لاءِ فائديمند هوندي. هن وقت پاڪستان ۾ پريس، ليبر يونين ۽ شاگرد سياست تي بندش آهي، اظهار راءِ جي آزادي کانسواءِ مسئلا حل نٿا ٿي سگهن، هن اياز لطيف چيو تہ هن وقت شديد قسم جي سينسرشپ هلي رهي آهي، ماڻهو ڳالهائي نٿا سگهن۔ لکي نٿا سگهن، مسئلا اڄ بہ ساڳيا آهن، ان دور ۾ تہ ون يونٽ هو، اڄ ون يونٽ تہ ناهي، پر تعليمي ادارا تباھ آهن، اهڙين حالتن ۾ ون يونٽ مخالف تحريڪ جهڙي جدوجهد جي سخت ضرورت آهي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ 4 مارچ 1967ع واري دور ۾ ايتري ميڊيا موجود نہ هئي ۽ شاگردن ۾ بہ اڄ جي مقابلي ۾ ايتري سياسي سجاڳي نہ هئي، ان دور ۾ شاگردن بيدار ٿي اٿيا۔ اڄ بہ وسيلن جي ڦرلٽ، وسيلن جي مالڪي، ڪرپشن، تعليمي ادارن جي تباھي ۽ ٻين سنڌ ۽ پاڪستان دشمن پاليسين خلاف ھڪ ٿي اٿڻ جي ضرورت آھي۔










