حيدرآباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڄ قوم کي خطاب ۾ وزيراعظم عمران خان کان مطالبو ڪيو آهي ته هو اسيمبليون ٽوڙڻ جو اعلان ڪري. حيدرآباد ۾ عوامي لانگ مارچ جي آمد جي موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وزيراعظم ملڪ ۾ نيون چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪري، اسان تيار آهيون. هن وڌيڪ چيو ته عوام جو جوش ۽ جذبو ڏسي ڪٺ پتلي ڊڄي ويا آهن.
وزيراعظم بزدل آهي ۽ هو تنقيد برداشت نٿو ڪري. آصف زرداري ۽ عمران جي دور جو مقابلو ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان آصف زرداري جي جوتن جي برابر ناهي، عمران خان عوام جا حق کسڻ کانسواءِ ڇا ڪيو آهي؟. بلاول ڀٽو جو مارچ ٻئي ڏينهن ماتلي کان شروع ٿيو، بدين ۽ ٽنڊو محمد خان کان ٿيندو حيدرآباد پهتو. جتي پٺاڻ ڪالوني وٽ وڏيو جلسو ڪيو ويو. جنهن بعد مارچ هالا مٽياري کان ٿيندو مورو پهچندو جتي رات قيام ڪري سڀاڻي سکر طرف روانو ٿيندو. رستي ۾ ننڍن وڏن شهرن ۾ بلاول جي لانگ مارچ جو ڀرپور استقبال ڪيو ويو. پي پي جي مرڪزي سيڪريٽر اطلاعات شازيا مري چيو آهي ته هن وقت تائين عمران خان عوام کي رڙيون ڪرايون آهن پر هاڻي پيپلز پارٽي هن کي چيخون ڪرائيندي جيڪي پوري قوم ٻڌندي.










