حملو سياسي سرگرميون روڪڻ لاءِ ڪيو ويو، سومرو

حملو سياسي سرگرميون روڪڻ لاءِ ڪيو ويو، سومرو

لاڙڪاڻو(ن سنڌيار)جي يو آءِ سنڌ جي سيڪريٽري جنرل راشد محمود سومرو چيو آهي ته سنڌ پوليس 4 ڏينهن اڳ منهنجي حوالي سان الرٽ جاري ڪندي چيو هو ته توهان جي زندگيءَ کي خطرو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سي سي پي او ڪراچي جو مون کي ميسيج مليو هو ته توهان جي زندگيءَ کي خطرو آهي محتاط رهو. هن چيو ته رات منهنجي رستا روڪ ڪري روڊ تي وڻن جا بنڊ رکيا ويا، فائرنگ ڪئي وئي، مون کي خبر ناهي حملي آور ڪير آهن، پوليس انهن جو پتو لڳائي کين وائکو ڪري. جي يو آءِ اڳواڻ چيو ته ايس ايس پي ٻڌايو آهي ته فائرنگ واقعي کانپوءِ 25 کان 30 ماڻهو ڳوٺ ڪنگا ۽ آسپاس جي علائقن مان حراست ۾ ورتا ويا آهن. هن چيو ته پوليس ٻڌايو ته انهن منجهان ڪجهه فائرنگ واقعي ۾ ملوث آهن، پر خبر ناهي اهي ڪير آهن، پوليس جي جاچ جو انتظار ڪيون پيا، پنهنجي حوالي سان به جاچ ٿي رهي آهي. هن چيو ته حملي آور اهي ئي ثابت ٿيا ته سندن خلاف ايف آئي آر ڪٽرائبي، فائرنگ واقعو مون کي سياسي سرگرمين کان روڪڻ جي سازش آهي پر خاموش نه ويهندس.

پهنجو تبصرو موڪليو