انتظاميا جي لاپرواهي،گوبل هرن سبب نوان روڊ اکڙڻ لڳا

انتظاميا جي لاپرواهي،گوبل هرن سبب نوان روڊ اکڙڻ لڳا

دڙو (امداد ميمڻ ) سجاول ضلعي جي چئن تعلقن ميرپوربٺورو, جاتي, سجاول ۽ شاھبندر سميت مختلف ننڍن وڏن ڳوٺن ۾ حڪومت طرفان اربين روپين جي لاڳت سان ٺھرايل روڊن تي ٽريڪٽر گوبل هرن جي ھلڻ سبب مختلف روڊ ھنڌان ھنڌان اکڙي تباھ ٿيڻ شروع ٿي ويا آھن. تازو سنڌ حڪومت طرفان 25 سالن بعد سخت عوامي احتجاجن ۽ ان جي ردي عمل طور ھڪ ارب 24 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان جھوڪ شريف کان وايا ابڙال دڙو, ميرپوربٺورو ۽ ٻنون جو روڊ تعمير ڪرايو، جنھن کي ٺھندي اڃا 2 مھينا مس ٿيا آھن پر سرڪاري رٽ نه ھئڻ سبب ٽريڪٽر ڊرائيورن روڊ تي گوبل ھلائي روڊن کي اکيڙي ڇڏيو آھي. ٽريڪٽر گوبل هرن ۾ ٽائر نٿا هڻائن ۽ هرن سميت ھلڻ سبب روڊ مان پٿر ۽ روڙي نڪرڻ شروع ٿي وئي آھي. چوھڙجمالي, شاھ يقيق, ڇڇ جھان خان, شاھبندر سجاول ۽ جاتي جي روڊن سميت ضلعي جي مختلف ننڍن وڏن شھرن ۽ ڳوٺن جي روڊن جي ستياناس ٿي ويئي آھي. ھوڏانھن تعلقي ميرپوربٺورو جي سول سوسائٽي جي نمائندن اعجاز اختر ميمڻ, نظير احمد سومرو, علي رضا ڪڇي, نواز سومرو ۽ ٻين صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته سجاول ضلعي جي انتظاميا جي نااھلي ۽ سرڪاري پڪڙ نه ھئڻ سبب لاپرواهه ٽريڪٽر ڊرائيور اربين روپين جي تعمير ٿيل روڊن تي گوبل ھر ھلائي انھن کي تباھ ڪري رھيا آھن. ھنن سنڌ حڪومت ۽ سجاول جي ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته روڊن تي ھلندڙ گوبل ٽريڪٽر ڊرائيورن خلاف سخت ڪارروائي ڪري ٽريڪٽرن ڊرائيورن کي گوبل سان گڏ ٽائر ھڻي ھلڻ جو پاپند بنايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو