ايڊيسن(پ ر) آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌين جي سماجي تنظيم سانا سنڌ ۾ لاقانونيت جي وڌندڙ واقعن ۽ رياست جي ناانصافي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. سانا جي صدر خالد چنا جاري ڪيل بيان م چيو آهي ته ڪراچي سميت شهرن ۾اسٽريٽ ڪرائم عروج تي آهي ۽ ڄاتل سڃاتل دهشتگرد اجمل پهاڙي کي عدالتن پاران ناقص پراسيڪيوشن، ناقص قانون ۽ مفاهمت جي ڪري آزاد ڪيو ويو آهي. اڪثر ڏوهن ۾ حڪمران يا اب اثرن جا ڇاڙتا ملوث آهن جن آڏو پوليس بيوس بڻيل آهي. هن لاڙڪاڻي جي ايس ايم بي بي ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ نوشين شاهه جي قتل تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هن اداري ۾ هي پهريون قتل ناهي. سڀ کان وڌيڪ حيرت انگيز خبر خبر اها آهي ته مقتول جي جسم مان مليل مجرم جو ڊي اين اي ساڳيو ئي آهي جيڪو نمرتا جي قتل ڪيس ۾ مليو هو. نمرتا ڪماري جنهن کي ڪجهه سال اڳ ان ئي يونيورسٽي ۾ قتل ڪيو ويو هو. بلڪل ائين ئي نوشين کي به ساڳئي نموني قتل ڪري خودڪشي جو ڊرامو رچايو ويو. ان جو مطلب آهي ته هڪ سيريل قاتل يونيورسٽي ۾ آزاد آهي. وي سي انيلا عطاءُ الرحمان جي اڳواڻي ۾ يونيورسٽي انتظاميه ان واقعي کي لڪائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. ٻنهي ڪيسن مان جيڪو سچ سامهون آيو آهي سو خوفناڪ آهي. سانا مطالبو ڪيو ته وي سي کي گرفتار ڪيو وڃي ڇو ته اها مجرم کي تحفظ ڏي ٿي. سانا پاران تازو نواب ولي محمد ۾ زمين جي تڪرار تان ڀنڊ برادري جي 5 ڄڻن جي قتل تي به افسوس ظاهر ڪيو ويو آهي. خالد چنا چيو ته ان ڪيس ۾ نامزد مجرمن جن جو تعلق زرداري برادري سان آهي، تن کي فوري گرفتار ڪري مثالي سزا ڏني وڃي. سانا سنڌ جي ماڻهن کي ياد ڏيارڻ چاهي ٿي ته اتر آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌين جون دليون ساڻن گڏ ڌڙڪن ٿيون. اسين سنڌ جي عوام سان هر ڏک يا خوشي جي وقت ۾ هميشه انهن سان گڏ بيهڻ جو عزم ڪري ٿي.










