خانپور (زبيرگل) خانپور ويجھو انڊس ھاء وي تي حاجي خواستي اسٽاپ ويجھوڪار ۽ ڪوچ ۾ خوفناڪ ٽڪر6 ڄڻا ثڏي تي فوت ٿي ويا. جي ايل آءِ ڪار مڪمل طور تباھ، ڪار سوارھڪ ئي ڪٽنب جي ٽن عورتن سميت 5 ڀاتي فوتين ۾ شامل آهن. مسمات موراکي زال محمد حنيف، مسمات درياء خاتون زال قائم الدين گولو، مسمات حاجاڻي زال نظام الدين گولو، قائم الدين پٽ محمد دائم گولو، شھزاد پٽ محمد حنيف گولو ڪار ڊرائيور علي شير پٽ مٺل گولو سميت 6 ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا آھن ، ڪوچ سوار آصف پٺاڻ، مسمات نائلہ، خادم شاہ، سلمي، امير ، لائبہ سميت 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي سول اسپتال شڪارپور منتقل ڪيو ويو آھي. ھوڏانھن ڪار سوار 1 فوتي جي شناخت ڪنڌ ڪوٽ جي گبلو ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڦيري گولو جي رھواسين طور ٿي آھي، خانپور پوليس موقعي تي بيٺل ماڻھن، فوت ٿيلن جا لاش ڪار ۾ ڦاٿل ھجڻ سبب ڪار کي ڪٽي خانپور پوليس اسپتال آندا جتي وڏي انگ ۾ آس پاس جا ماڻھو جمع ٿي ويا. خوفناڪ حادثي ۾ ھڪ ئي وقت 6 ڄڻن جي فوت ٿي وڃڻ سبب علائقي ۾ سوڳ واري صورتحال ٿي وئي آھي. ھوڏانھن خانپور اسپتال ۾ وارث پھتا پنھنجن پيارن جا لا ش ڏسي اڇنگارون ڏئي اڀ ڏاريندڙ رڙيون ڪندي ھوش وڃائي ويٺا، خانپور اسپتال مان قانوني ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا آھن. فوتين جي وارثن اسپتال ۾ صحافين سان ڳالھائيندي ٻڌايو تہ سندن جا گھر ڀاتي ھڪ عورت کي لاڙڪاڻو اسپتال طبي معائنو ڪرائڻ ويا پئي تہ حادثو پيش آيو جنھن جو اطلاع ملندي اسان ھتي پھتاسين ھنن وڌيڪ ٻڌايو تہ فوتي ھڪ ڪار ڊرائيور علي شير پٽ مٺل گولو آھي ء باقي سڀ فوتي ھڪ ئي ڪٽنب جا آھن اسان جو ويڙھو ئي ويران ٿي ويو آھي، ھوڏانھن ڪوچ ڊرائيور فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آھي ڪوچ کي پوليس تحويل م وٺي ڇڏيو آھي










