موبائل نه ملڻ تي زال رسي وئي، مائي موٽرائي ڏيو،اپيل

موبائل نه ملڻ تي زال رسي وئي، مائي موٽرائي ڏيو،اپيل

مٽياري(رياض چانڊيو) هالا واسي محمد خان ڪنڀار ميڊيا هائوس تي احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته هڪ سال پهريان سڪرنڊ جي ڳوٺ ماڙي جلباڻي مان نالي پوپري ڪنڀار سان شادي ڪئي، هڪ مهيني بعد زال جون فرمائشون شروع ٿي ويون ته موبائل وٺي ڏي، ٽي وي وٺي ڏي، ماءُ پي کان ڌار ٿي، مطلب ته هر روز ڪا نه ڪا فرمائش هئي جيئين ته اسان مذهبي ماڻهو آهيون ان ڪري گهر ۾ موبائل يا ٽي وغيره آڻڻ ممڪن نه هو جنهن سبب شادي جي ٽن مهينن بعد منهنجي زال جا مائٽ اچي کيس عيد ڪرائڻ بهاني ڳوٺ وٺي ويا جنهن بعد اڄ تائين منهنجي زال واپس نه پيا ڪن. هاڻي چون پيا ته يا ته والدين کان ڌار ٿي ته توکي زال ڏيون نه ته پنج لک حق مهر جا ڏي هن جو چوڻ هو ته منهنجا والدين  پيرسن آهن انهن کي مان اڪيلو ڪيئين ڇڏيان، هنن کي هينئر منهنجي ضرورت آهي. رهي ڳالھ پنجن لکن جي ته مان پنهنجي زال کي طلاق نه ٿو ڏيڻ چاهيان مان پنهنجو گهر آباد ڪرڻ چاهيان ٿو ان ڪري وس وارن کي اپيل ٿو ڪيان ته مونکي منهنجي زال واپس ڏياري منهنجو گهر تباھ ٿيڻ کان بچايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو