پنوعاقل (سنتوش ڪمار) ڪچي واري علائقي ڳوٺ مٺو انڍڙ جي رهواسين جي ڪار جو سوات ويندي ڊيرا اسماعيل ويجهو ڪوچ سان ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ هِڪ عورت مائي راڄي ۽ هِڪ مرد ڊرائيور خميسو چاچڙ ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڪار ۾ سوار ٻه ٻيا به محمد بخش انڍڙ ۽ محمد جھلڻ زخمي ٿي پيا آهن جيڪي ڊيرا اسماعيل جي اسپتال ۾ زير علاج آهن، زخمي ۽ فوتين جي وارثن موجب ڪار سوار پنوعاقل جي ڳوٺ مٺو انڍڙ کان سوات ۾ علاج لاءِ وڃي رهيا هئا ته کين ڊيرا اسماعيل ويجهو رستي ۾ ئي حادثو پيش آيو، هوڏانهن فوتين جي لاشن کي اڄ پنوعاقل آندو ويو، لاش ڳوٺ پهچڻ تي قهرام مچي ويو.
مشهور خبرون










