شڪارپور (عبدالخالق سومرو) شهر ۾چوري جي انوکي واردات سامھون آئي آھي اسٽورٽ گنج ٿاڻي جي حد صديق ماڙي، سومرا پاڙي، صديقي پاڙي سميت مختلف پاڙن مان چور 50 کان وڌيڪ گئس جا ميٽر ۽ گئس جا پائيپ لاھي فرار ٿي ويا آھن، مختلف پاڙن جي رھواسين امتياز حسين ، لياقت شيخ، غلام شبير جتوئي رھواسين تراب، منور لالا، نظير احمد سومرو ۽ ٻين مطابق تہ رات جو چور گھرن ٻاھران لڳل ميٽر ۽ پائيپ لاھي فرار ٿي ويا آھن، ھنن ٻڌايو تہ جڏھن ھنن صبح جو ناشتو پچائڻ لاء گئس آن ڪئي تہ گئس بند ھئي جڏھن ٻاھر نڪتا سين تہ خبر پئي سڄي پاڙي جا ميٽر ۽ پائيپ لائين پٽيل ۽ غائب ٿيل ھيون ھنن وڌيڪ چيو تہ ڦورن ۽ چورن کان شھري غير محفوظ آھن پر ھتي تہ گھرن ٻاھران لڳل گئس جا ميٽر بہ غير محفوظ آھن ھنن ٻڌايو تہ گئس ڪمپني ۽ ٿاڻي تي اطلاع ڪيو ويو آھي، ھوڏانھن حد جي پوليس جو چوڻ آھي تہ واردات جي خبر صبح جو پئي چوري ڪندڙن کي ڪنھن بہ صورت معاف نہ ڪيو ويندو مختلف پاڙن ۽ چوڪن تي لڳل سي سي ٽي وي جي مدد سان چورن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي جڏھن تہ آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نہ ٿي سگھيو ھو.










