راولپنڊي (م ڊ) پاڪ فوج ، ڀارت کي خبردار ڪيو آهي ته انهن پاڪستان جي حدن ۾ دراندازي ڪري اڳرائي
جي جواب جو انتظار ڪري، جيڪو انهن کي حيران ڪري ڇڏيندو، ڇاڪاڻ ته اسان جو ردعمل مختلف هوندو،ان جي جاءِ ۽ وقت جو تعين اسان پاڻ ڪنداسين.آءِ ايس پي آر جي ترجمان چيو ته ڀارت پاڪستان دشمني ۾ به بيوقوفي ڏيکاري رهيو آهي. ڊي جي آئي ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور پريس بريفنگ ڏيندي چيو ته ڀارتي دعوائون آهن،الله جي ذات وڏي آهي،ڀارت اچي 21 منٽ ته پاڪستان جي حدن رهي ته ڏيکاري. هن جو چوڻ هو ته وزير اعظم چيو هو ته حملو ٿيو ته جواب جو سوچينداسين نه پر جواب ڏينداسين. هن چيو ته 14 فيبروري کانپوءِ جڏهن ڇڪتاڻ وڌي ته هو پيٽرولنگ ڪري رهيا هئا،ڪمبٽ ايئر پيٽرولنگ هر وقت فضا ۾ رهي ٿي. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته ڀارت جي فارميشن چار کان پنج ناٽيڪل ميل اندر آئي، جنهن کي پاڪستان ايئر فورس چيلينج ڪيو، ڀارتي جهازن ويندي ويندي پي لوڊ ڊراپ ڪيو،انهن جا چار بم جبا واري هنڌ ڪريا. هن جو چوڻ هو ته رات جو اسان جو ڪمبٽ مشن قريب هو، جڏهن سيالڪوٽ ۾ پهريون ڀيرو ڀارتي جهاز ريڊار تي آيا،اسان جي فورس انهن کي چيلينج ڪيو، پرهو ويجها نه آيا ۽ پنهنجن حدن ۾ رهيا. ميجر جنرل آصف غفور چيو ته هڪ ڀارتي فارميشن اوڪاڙا بهاولپور سيڪٽر ۾ ريڊار تي نوٽ ڪيو، جيڪڏهن هو اسان جي ڪنهن به مليٽري پوزيشن تي اسٽرائيڪ ڪن ها ته ايئر فورس فائيٽ ٿئي ها. هن وڌيڪ ٻڌايو ته جيڪڏهن هو اسان جي مورچي تي حملو ڪن ها ته فوج ۽ ايئر فورس تيار هئا، جيڪڏهن فوج پوسٽ تي اسٽرائيڪ ٿئي ها ته يونيفارم اهلڪارن جي شهادت ٿئي ها،هنن جو مقصد سويلين کي نشانو بنائڻ هئو، ته جيئن هو دعوا ڪري سگهن ته انهن دهشتگرد ڪيمپن تي حملو ڪيو. ميجر جنرل آصف غفور چيو ته هنن کي لائين آف ڪنٽرول طرف ايندي ۽ واپس ويندي چار منٽ لڳا، جيڪڏهن ايل او سي تي اسٽرائيڪ ڪن ها ته فضائيا جي فائٽ ٿئي ها، جيڪا نه ٿي. فوج جي ترجمان چيو ته ڀارت 350 کان وڌيڪ دهشتگردن کي مارڻ جي دعوا ڪئي، پر مان چوان ٿو ته هڪ سر به نه ٽٽي،جيڪڏهن اتي ڪا عمارت هجي ها يا ڏهه ماڻهو مرن ها ته اتي ملبو هجي ها،لاش هجن ها، خون جا نشان هجن ها، پر ڪوڙ کي ڪي به پير نه ٿيندا آهن. هن چيو ته اسان پهريان به ڀارت جي ڪوڙ کي وائکو ڪيو ۽ آئينده به ڪنداسين ۽ اسان ڀارت جي ڪوڙ جو جواب سچ سان ڏينداسين. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته اسان ڀارت جيان غير جمهوري ملڪ ناهيون، پر هڪ جمهوري ملڪ آهيون ۽ پوري قوم ۽ سياسي پارٽيون متحد آهن. هن چيو ته ڀارت حملو نه پر دراندازي ڪئي ۽ هاڻ اسان جو وارو آهي، پهريان به چيو هو ته ڀارت اسان کي ڪڏهن به سرپرائيز نٿو ڪري سگهي، پر اسان ڀارت کي سرپرائيز ڪري سگهون ٿا،اسان جو جواب مختلف هوندو ۽ اسان جي سپرائيز جو انتظار ڪري. هن چيو ته سڀاڻي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس آهي، ان کانپوءِ ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول جو اجلاس ٿيندو،ان کانپوءِ سوچيو ته ڪهڙو جواب ڏنو ويندو. ڪئي، هاڻ هو پاڪستان
ايئرپورٽن تي اميگريشن سسٽم 1 ڪلاڪ بند رهڻ بعد بحال
ڄامشورو، مسافر بس حادثي جو شڪار، 1 ڄڻو فوت، 9 ڄڻا زخمي
ڪراچي ۾ ٽرالر جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار فوت، عورت زخمي
چونڊن ۾ فراڊ تي سزا ڏياريندڙ کي 10 لک ڊالر انعام ڏيندس: ٽرمپ
پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ، نوان اگهه لاڳو
وزيراعظم ۽ جماعت اسلامي جي امير ۾ ملاقات طئي
اسرائيل ۾ ٿيندڙ چونڊون ۽ عالمي معيشت تي اثر
حڪومت 2 کرب 35 ارب جي ٽيڪس ڇوٽ تي نظر ثاني ڪري، فاروقي
ايران جي صدر جو علائقائي اتحاد ۽ گڏيل حڪمت عملي تي زور
چين جو سامونڊي تحقيق لاءِ ترندڙ پليٽ فارم ٺاهڻ جو اعلان
لياري جي مرزا آدم خان روڊ جي بحاليءَ جو ڪم تيزيءَ سان جاري
اسٽيٽ بئنڪ پاران وياج جي شرح ۾ واڌ، نئين شرح 12 سيڪڙو مقرر
قبو سعيد خان،عورت جو گوليون لڳل لاش هٿ
ليوي ختم نه ٿي ته اسلام آباد طرف لانگ مارچ ٿيندو: حافظ
سنڌ ۾ سرنهن، تر ۽ ڪينولا جي پوک ۾ واڌ خوش آئند آهي
غير سياسي جنرل عبدالوحيد ڪاڪڙ لاڏاڻو ڪري ويو
ڀارتي سيڪيورٽي فورسز هٿان سجاول واسي 4 مهاڻا گرفتار
سون ۽ چاندي جي قيمتن ۾ اضافو
ٽرمپ کي ڌچڪو، برازيل ۾ لولا چوٿون ڀيرو صدر چونڊجي ويو
گمبٽ: شادي جي تقريب ۾ فائرنگ، نينگر فوت










