ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ استادن جي نوڪري لاءِ درخواستون جمع ڪرائيندڙ اميدوارن کا ٽيسٽ وٺڻ جو شيڊول پڌرو ڪيو ويو آهي. ايس ٽي ايس طرفان پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي جي ڀرتين لاءِ 6 سيپٽمبر تي ٽيسٽ وٺڻ جو فيصلو، اُميدوارن کان آءِ بي اي ذريعي ٽيسٽ ورتي ويندي، آءِ بي اي ذريعن جو چوڻ آهي ته جي ايس ٽي لاءِ 6 کان 11 سيپٽمبر تائين ٽيسٽ ورتي ويندي، پي ايس ٽي جي اُميدوارن کان 13 کان 19 سيپٽمبر تائين ٽيسٽ وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي. ياد رهي ته سنڌ ۾ استادن جي ڀرتي لاءِ 4 لک 98 هزار 641 اميدوارن درخواستون ڏنيون هيون جن جي ڇنڊ ڇاڻ بعد آءِ بي اي ٽيسٽنگ سروس وارن 3 لک 72 هزار 314 اميدوارن کي ٽيسٽ ۾ ويهڻ لاءِ ڪليئر ڪيو ويو آهي. جن جون درخواستون رد ڪيون ويون آهن انهن جا ڪاغذ پورا نه آهن يا چالان جمي ناهي ڪرايو.










