حيدرآباد (بيورو رپورٽ)سنڌ جي ڏات ڌڻين چيو آهي ته سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻولي کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ لاء هر شخص پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي ,جنهن ۾ سنڌ ۽ سنڌيت جي سفير دادا گوبند مالهي جو وڏو ڪردار رهيو آهي اهڙو اظهار سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران حيدرآباد جي شورا ڳوٺ ۾ سولنگي هائوس تي سنڌي ادبي سنگت سنڌ طرفان ڪوٺايل سنگت مرڪز جي پهرين سيڪريٽري جنرل,ترقي پسند ليکڪ,ناول نگار۽ آرٽسٽ دادا گوبند مالهي جي ھڪ 100 سئو سالا سالگره تقريب ۾ ڪيو ويو, سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سيڪريٽري جنرل۽ نامياري شاعر احمد سولنگي صدارتي خطاب ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو ڪنوينشن ڪوٺائڻ جو اعلان ڪندي چيو ته جلد سنگت جو سنڌ ليول تي ڪنوينشن ڪوٺايو ويندو جنهن ۾ هڪ سيشن سنڌي ادبي سنگت جوبنياد وجهندڙ دادا گوبند مالهي تي رکيو ويندو, ان سان گوبند مالهي جي خدمتن تي لکت ۾ مواد ملي سگهندو ۽ ان کي سهيڙي ڪتابي صورت ڏني ويندي,ڇاڪاڻ ته سنڌي ناول جي (سمراٽ) شهزادي گوبند مالهي ورهاڱي کانپوء به هندستان سمت پوري دنيا ۾ سنڌ ٻولي کي وسعت بخشڻ لاء تحرڪ ۾ رهيو ۽ سنڌي ٻولي کي دنيا جي تختي تي بچائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي,.

هن وڌيڪ چيو ته ساهتي پرڳڻي سان تعلق رکندڙ دادا گوبند مالهي ورهاڱي اڳ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو بنياد وجهي سنڌي اديبن کي هڪ مظبوط پليٽ فارم ڏنو,پاڻ ورهاڱي کانپوء به هندستان وڃي اتي سنڌي ادب, سنڌي ٻولي لاء ڪم ڪيو سنڌي ادب ڪلچر,۽ ٻولي کي اجاريو, مهمان خاص نامياري اديب تاج جويي خطاب ڪندي چيو ته گوبند مالهي سنڌي ٻولي کي وڌائڻ ۾ وڏو ڪم ڪيو آهي 1987ع ۾ ساڻ سندس گهر تي ملاقات ٿي هن وٽ سنڌيت جو وڏو احساس هيوهن 1947 ع۾ شيخ اياز ۽ ٻين اديبن سان گڏجي سنڌي ادبي سرڪل جوبنياد وڌو جيڪا اڳتي هلي سنڌي ادبي سنگت سنڌ سنڌ طور قائم ڪئي,ان وقت سڄي سنڌ ۾ 12 شاخون هيون جيڪي هن وقت وڌي ٻه سئو کان ڌيڪ ٿي ويون آهن,هن چيو ته گوبند مالهي بمبئي وڃڻ بعد اتي به سنڌي ساهت منڊل قائم ڪري سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب لاء ڪم ڪيو,سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏياريو ۔ هن چيو ته هن وقت ڪراچي ۾ 13سئو اسڪول بند ٿي ويا آهن پر بمبئي ۾ سنڌي اسڪول قائم آهن گوبند مالهي سميت هندو سنڌي اديبن سنڌي ٻولي کي بچائڻ لاء ڪوشش ڪئي آهي,گوبند مالهي شرم ٻوٽي سميت 26 ناول لکيا,جنهن ڪري کيس سنڌي ادب ۾ ناول جو شهزادو سڏيو ٿو وڃي,سنڌي سدائين گڏ جو نعرو به گوبند مالهي ڏنو,نامياري شاعر آسي زميني چيو ته سنڌ مان هندو سنڌي اديبن جي هندستان هجرت ڪرڻ سبب سنڌي ٻولي کي وڏو نقصان پهتو پر هنن پوري دنيا ۾ ٻولي کي وڌائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو, گوبند مالهي جون خدمتون وساري نٿيون سگهجن,ادريس جتوئي چيو ته گوبند مالهي سنگت جي فورم تان اسري آيل اديبن ۾ شعور پکيڙيو ۽ ترقي پسند ادب کي هٿي ڏني,سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي حيدرآباد جي ضلعي رابطه سيڪريٽري غلام مصطفيّ سولنگي پروگرام جي ڪمپئرنگ ڪندي چيو ته ايشيا کنڊ جي وڏي ۾ وڏي ادبي تنظيم جي تاريخ ملڪي تاريخ کان به وڏي آهي ,جنهن جو سهرو گوبند مالهي ڏانهن وڃي ٿو جنهن پاڪستان ٺهڻ کان اڳ سنڌي اديبن کي هڪ مضبوط ادبي تنظيم ٺاهي ڏني,جيڪا اڄ به سرگرم ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ سدائين تحرڪ ۾ رهي آهي نوجوان شاعر انور ساگر چيو ته گوبند مالهي سنڌ ۽ سنڌيت جو سفير هو هن ڀارت ۾ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاء بک هڙتال ڪئي ۽ ان جي ڪاميابي بعد هندستان ۾سنڌي ٻولي کي سرڪاري ٻولي جو درجو مليو, تقريب کي پروفيسر عبدالرحمان سيال, غلام رسول غرق, مقبول سنڌي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو ,ان کان اڳ ھڪ 100 سئو سالا سالگره تقريب جي شروعات ڀٽائي جي وائي سان ڪئي وئي طالب ڀنڀري ڀٽائي جي وائي ترنم ۾ پيش ڪئي۽ سالگره جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو,تقريب ۾ لطيف شورو,علي مرتضيّ سومرو,محمد صادق ڪلهوڙو, انور علي لاشاري,عنايت لغاري, نسيم پارس , گل شير ڪوريجو سميت ڪيترن ئي اديبن شاعرن ۽ اهم شخصيتن شرڪت ڪئي.










