بدين (رپورٽ مرتضي ميمڻ)پاڻي جي منصفاڻي ورڇ لاءِ آبادگارن ۽ ايريگيشن عملدارن سان ڊپٽي ڪمشنر بدين آغا شاھنواز خان جي صدارت ڪيميٽي روم ۾ اهم گڏجاڻي منعقد ڪئي. گڏجاڻي ۾ ايم پي اي تاج محمد ملاح، اي ڊي سي ون محمد حسين لنڊ، پي پي پي ضلعي صدر حاجي رمضان چانڊيو، ڊاريڪٽر ايريا واٽر بورڊ ليفٽ بينڪ ڪينال مير غلام علي ٽالپر ۽ آبادگارن لاءِ پڻ شرڪت ڪئي. انهي موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر بدين آغا شاهنواز خان چيوته ننڍن آبادگارن پوڇڙ تائين پاڻي پهچائڻ ضلعي انتظاميا جي اولين ترجيح آهي ٽيل تائين پاڻي پهچائڻ لاءِ ايريگيشن کاتي سان هر قسم جو سهڪار ڪيو ويندو هن وڌيڪ چيوته جتي به کاٽي جي ضرورت هجي اتي کاٽي کڻي به پوڇڙ وارن آبادگارن تائين پاڻي پهچايو وڃي. انهي موقعي تي ايم پي اي تاج محمد ملاح چيوته ايريگيشن کاتو صرف ڳالهيون نه ڪري پر هو عملي ڪم ڪري پوڇڙ تائين پاڻي پهچائي ته جيئن غريب آبادگارن لاءِ آساني ٿئي ۽ هن چيوته سب آبادگار اسان جا ڀائر آهن پوڇڙ وارن آبادگارن جوبه پاڻي تي اوترو ئي حق آهي جيترو منڊ وارن آبادگارن جو آهي










