بيواهه جي زمين تي ڀائرن جو قبضو، انصاف جي اپيل

بيواهه جي زمين تي ڀائرن جو قبضو، انصاف جي اپيل

ٽنڊوباگو(رفاقت جروار) ڳوٺ مٺو نوتڪاڻي جي پيرسن ۽ بيوه عورت جيئندي نوتڪاڻي ۽ سندس ڌيءَ ياسمين نوتڪاڻي ٽنڊوباگو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته سندس مرحوم والد عبدالستار جي 38 ايڪڙ زمين مان کيس مليل پنجن ايڪڙن تي منهنجي ڀائرن علي نواز ۽ عبدالقادر نوتڪاڻي تر جي لوفر ماڻهن هٿان قبضو ڪرائي ڇڏيو آهي. هن روئيندي ٻڌايو ته سندس ڀائرن هفتو اڳ کيس سخت مارڪٽ ڪري زخمي ڪرڻ بعد گهر مان لوڌي ڪڍي ڇڏيو آهي. جنهن ڪري آئون پيرسن عورت پراين درن تي ڌڪا کائي رهي آهيان. هن ٻڌايو ته مون ڀائرن ۽ منهنجي زمين تي قبضو ڪندڙ ماڻهن جمن لاشاري، هاشم پنهور، غلام نوتڪاڻي، حبيب نوتڪاڻي ۽ ٻين خلاف ڏيئي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو آھي پر ڏيئي پوليس جوابدارن کي گرفتار نٿي ڪري. هنن چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، آء جي سنڌ، ڊي آء جي حيدرآباد، سيشن جج بدين ۽ ايس ايس پي بدين کي اپيل ڪئي ته ساڻس ظلم ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري مون سان انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو