ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت پاران لاڪ ڊائون تي جزوي عمل درآمد ٿيو آهي، تاجر برادري ورهائجي وئي، پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم جي ڇتي تنقيد، حڪمت نااهلي لڪائڻ لاءِ لاڪ ڊائون ڪيو. ٺٽو، حب چوڪي ۽ سپر هاءِ وي تان ايندڙ ويندڙ گاڏين کي روڪيو ويو، پوليس سان چڪريون جاري، موٽر سائيڪل سوارن خلاف ٻيلهه سواري تي بندش ۽ هيلمٽ نه پائڻ تي پوليس جا وارا نياراق ٿي ويا. ميڊيا تي پوليس جي ڀٽا خوري جي خبرن بعد سنڌ حڪومت ٻيلهه سواري تي پابندي ختم ڪري ڇڏي. مرتضيٰ وهاب پريس ڪانفرنس ۾ پابندي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو.










