خانپورمهر )رپورٽ آفتاب سيال( خانڳڙھ ۾ سياسي سرگرميون عروج تي پهچي ويون آهن، اڳ ۾ مهر گروپ جي اڳواڻ علي گوهر خان مهر پي پي مخالف اتحاد لاءِ ڪٺ گهرايو ، جنهن بعد پي پي ايم اين اي سردار محد بخش خان مهر پنهنجي پارٽي جي مقامي اڳواڻن ۽ همدردن سان گڏجاڻي ڪئي. جنهن بابت پي پي ايم اين چيو ته گذريل رات واري گڏجاڻي پ پ مخالف اتحاد واري اجلاس جي ڪائونٽر ۾ نه هئي، هنن جي گڏجاڻي ٻئي مقصد سان هئي جيڪي پهرين به اهڙيون گڏجاڻيون ڪندا رهيا آهن، اسان جون گڏجاڻيون پنهنجي گهڻ گهرن سان محبتون ونڊڻ لاءِ هونديون آهن. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي خلاف اتحاد پهريون دفعو ڪونه ٺهيا آهن اهي ماضي ۾ به ٺهندا رهيا آهن جيڪي ناڪام ٿي ويا، جيڪي ماڻهو پ پ ۾ آهن اهي پارٽي جي نظرئي کي سپورٽ ڪن ٿا، اپوزيشن ۾ رهندڙ پاڻ کي اڳتي آڻڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن پر پ پ کي لهر نه لوڏو آهي.










