ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ڪورونا ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آءِ جي سنڌ کي هدايت ڪئي آهي ته شام 6 وڳي بعد ڪا به بازار کليل نه هجي، ماڻهو سڙڪن تي نظر نه اچن، ڪورونا ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرايو. سندس صدارت ۾ ٿيل اجلاس م لاڳاپيل وزيرن ۽ آفيسرن شرڪت ڪئي. مراد شاهه چيو ته ٽيوشن سينٽر بند ڪرايو. اجلاس ۾ سيد ناصر شاهه، مرتضيٰ وهاب ۽ اويس شاهه تي مشتمل ڪميٽي قائم ڪئي وئي جيڪا واپارين ۽ سياسي جماعتن سان رابطو ڪري کين اعتماد ۾ وٺندي. وڏي وزير چيو ته جمعي تي ٻيهر اجلاس ٿيندو، صورتحال بهتر نه ٿي ته اڃا وڌيڪ سخت اپاءُ ورتا ويندا. ٻئي پاسي زراعت واري وزير اسماعيل راهو هدايت ڪئي آهي ته صوبي جي تمام سبزي منڊين ۾ داخلا لاءِ ڪورونا ويڪسي نيشن لازمي آهي، ڪراچي سميت سڄي سنڌ جي سبزي منڊين ۾ ڪرونا ويڪسين سرٽيفڪيٽ ۽ ماسڪ کان بغير داخل ٿيڻ تي پابندي ھوندي، شهرين کي سرٽيفڪيٽ ۽ ماسڪ کانسواءِ سبزي منڊي ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه هوندي، ڪميشن ايجنٽ، ٽريڊرز ۽ ملازم ڪورونا ويڪسين لڳرائن. صوبائي وزير جو چوڻ آهي ته زرعي ٻج، دوائون ۽ ڀاڻ سيل ڪندڙ دڪاندارن وٽ جيڪڏهن ڪوروناويڪسين سرٽيفڪيٽ نه ھوندو ته انھن جون دڪانون سيل ڪيون وينديون.










