اسپتال عملي پاران لاش لاءِ ايمبوليسن ڏيڻ کان انڪار

اسپتال عملي پاران لاش لاءِ ايمبوليسن ڏيڻ کان انڪار

جوهي )ن سنڌيار(ڪاڇي جي ڳوٺ ڄام ٻٻر جي رهواسي پورهيت منٺار ٻٻر کي گرمي لڳڻ سبب بيهوشي واري حالت ۾ تعلقه اسپتال جوهي آندو ويو جتي هو فوت ٿي ويو, جنهن جي مڙهه کي اباڻي ڳوٺ کڻي وڃڻ لاء اسپتال عملي پاران ڊرائيور نه هجڻ جو چئي ايمبولينس ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو, جنهن بعد مسڪين ڪاڇي واسي فوتي منٺار ٻٻر جو لاش لوڊر رڪشا تي کڻائي ويا آهن, اسپتال عملي جي بيحسي بابت فوتي جي وارثن جو چوڻ آهي ته ٻوڏ سبب ڪاڇي جا روڊ رستا تباهه آهن اسپتال عملي جي بيحسي آهي جو لاش کڻڻ لاء ايمبولينس ڏيڻ کان کُتو جواب ڏئي ڇڏيو آهي, هوڏانهن فوتي جو لاش لوڊر رڪشا تي رکڻ بعد ڪيترن ئي منٽن تائين لوڊر رڪشا اسٽارٽ نه ٿيو جنهنکي بعد ۾  ڳوٺاڻن پاران ڌڪو ڏئي اسٽارٽ ڪرڻ بعد لاش کي ڪاڇي جي  ڳوٺ ڄام ٻٻر کڻائي ويا آهن

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو