ڪامريڊ لعل چانڊيو جو مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي

ڪامريڊ لعل چانڊيو جو مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي

ٽنڊوباگو (رپورٽ: سھيل سمون) درگاھ شاھ طريل لڳ چانڊين جي ڳوٺ عمر چانڊيو ۾ جنم وٺندڙ سنڌ جي قومي تحريڪ جو جهونو ڪارڪن ڪامريڊ لعل چانڊيو وفات ڪري ويو. مرحوم ، سائين جي ايم سيد جو سچو پيروڪار قومي تحريڪ جي تمام وڏي نالن وارن ڊاڪٽر قادر مگسي، شهيد بشير خان قريشي، گل محمد جکراڻي، فقير ڏاڏا کوسو، عبدالواحد آريسر، ڊاڪٽر دودو مهيري سميت ٻين ڪيترن ئي قومپرست اڳواڻن کي هن بنيادي ميمبر شپ جاري ڪئي.  لعل محمد عرف ماما لعل چانڊيو ڪافي وقت بيمار رهڻ کانپوء 77 سالن جي عمر ۾ گذريل ڏينهن هميشه جي لاء وڇڙي ويو سندس جنازه نماز ۾ سوين ماڻهن صحافين، سماجي ڪارڪنن ۽ ڳوٺاڻن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.  سندس مڙھ سندس اباڻي ڳوٺ جي قبرستان صلاح الدين شاھ ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو ياد رهي ته سندس جنازي ۾ ڪو به قومي اڳواڻ يا چونڊيل ايم اين اي يا ايم پي اي سندس تڏي تي نه پهتو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو