پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف احتجاج

پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف احتجاج

دڙو (ن سنڌ يار)ميرپوربٺورو قومي شاھراھ درملوڪ شاھ اسٽاپ تي جيئي سنڌ قومي پارٽي پاران انور خاصخيلي، آبادگار وسايو ٽگڙ، گل حسن شاھ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ وارابندي خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري سخت نعربازي ڪئي وئي. ان موقعي تي انور خاصخيلي، سيد پپو شاھ ۽ ٻين چيو ته تعلقي بٺوري ۾ پاڻي جي وارابندي ڪري آبادگارن جو نقصان ڪيو ويو آھي. جنھن سبب آبادگار طبقو سخت پريشان آھي. پاڻي جي وارابندي ختم ڪري آبادگارن کي پاڻي ڏنو وڃي. ھنن چيو ته پاڻي نه ملڻ سبب سڀ کان وڌيڪ پوڇڙ جا آبادگار نقصان ڀوگيندا آھن. انھن اھو به مطالبو ڪيو ته محمود واھ جي موري ڪافي عرصي کان ٽٽل آھي اھا پڻ ٺھرائي ڏني وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو