شهدادڪوٽ(ڊ ر ) عوامي ورڪرز پارٽي ۽ سنڌ سيڪيولر اسٽيڊي فورم طرفان عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي ليبر سيڪريٽري ڪامريڊ سينگار نوناري جي مبينا گمشدگي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري پريس اڳيان ڌرڻو هنيو ويو ۽ ڪامريڊ سينگار جي بازيابي لاءِ سخت نعري بازي ڪئي وئي. ڪامريڊ سينگار نوناري کي 26 جون جي رات نصيرآباد مان کنڀي گم ڪيو ويو هو. سندس آزادي لاءِ ليبر هال شهدادڪوٽ مان احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب وٽ نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن پورهيت اڳواڻ ڪامريڊ عرس سيلرو، عورت اڳواڻ روبينا چانڊيو، قومپرست اڳواڻ حبدار ميرجت، طبقاتي جدوجهد جو اڳواڻ ڪامريڊ غلام الله سيلرو، سماجي اڳواڻ غفار پندراڻي، هاري اڳواڻ ڪامريڊ قادر بخش سيلرو، مجاهد اعواڻ، عوامي ورڪرز پارٽي اڳواڻ مراد پندراڻي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ڪامريڊ سينگار نوناري پورهيت طبقي سان تعلق رکندڙ اسان منجهان هو ۽ هن پنهنجي زندگي هارين ۽ مزدورن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندي گذاري آهي ته پوءِ هن کي ٻه هفتا اڳ رات جي انڌيري ۾ گهران اغوا ڪري ڇو گم ڪيو ويو آهي.! هنن چيو ته جيڪڏهن ڪامريڊ سينگار تي ڪنهن به قسم جو ڪيس آهي ته هن کي ظاهر ڪري ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ هن جي وارثن مان بي چيني ختم ڪئي وڃي، سنڌ حڪومت توڙي رياستي ادارن کي سماج جي بهتري لاءِ ڪم ڪندڙ اهڙن ساٿين کي تنگ نه ڪرڻ گهرجي ۽ سياسي طور تي شهري مسئلن تي متحرڪ ڪارڪنن جي رستا روڪ ڪرڻ بند ڪيو وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته ڪامريڊ سينگار نوناري کي فوري تي ظاهر ڪيو وڃي ۽ پورهيت طبقي توڙي ان جي وارثن مان بي چيني ختم ڪيو وڃي.










