آمريڪا نئين جنريشن جو جنگي جهاز تيار ڪري ورتو

آمريڪا نئين جنريشن جو جنگي جهاز تيار ڪري ورتو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪا نيو جنريشن جنگي جهاز بي 21 بامبر متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي. آمريڪي ايئرفورس ۾ في الحال 2 جهاز شامل ڪيا آهن. هي گهڻو عرصو فضا ۾ رهي لانگ رينج اٽيڪ جي صلاحيت رکي ٿو ۽ جديد دور جي جنگي ضرورتون پوريون ڪري سگهي ٿو. جاسوسي جو به ڪم ڪري سگهي ٿو.آمريڪي ايئرفورس م اڳ ۾ ئي موجود بي 52 بمبار جهاز کان هي وڌيڪ جديد ٽيڪنالوجي وارو آهي.هي 21 هين صدي جو جديد ترين جنگي جهاز آهي. نارٿ روپ گرومين ڪمپني 2015 ۾ ٺيڪو ملڻ بعد هن جنگي جهاز جي تياري شروع ڪئي هئي آمريڪا هي 100 جنگي جهاز خريدڻ چاهي ٿو، في جهاز جي ماليت  63 ڪروڙ 90 لک ڊالر آهي. (9 ارب 90 ڪروڙ 45 لک روپيا)

پهنجو تبصرو موڪليو